سنڌي ادب جو مقدمو

سنڌي ادب جو مقدمو

سنڌي ادب جو مقدمو

سنڌي ادب جو مقدمو (ڪتاب): هي ڪتاب محقق بدر ڌامراهي جي تصنيف آهي، جيڪو هن سي. ايس. ايس، پي. سي. ايس ۽ مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيو آهي. هي ڪتاب ستن بابن ۾ ورهايل آهي. پهرئين باب ۾ سمن، سومرن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور کان وٺي موجوده دور تائين ادبي تاريخ ڏني وئي آهي. ٻئي باب ۾ لطيفيات عنوان بابت شاهه لطيف جي شعر ۾ اخلاقي ۽ روحاني درس، فني ۽ ادبي خوبين، شاهه جي پيشرو ۽ همعصر شاعرن جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو ورتو ويو آهي. باب ٽئين جو عنوان قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول آهي، جنهن ۾ سنڌي قصن، داستانن، ناولن، مضمونن، ڪهاڻين، ڊرامن، تنقيد، سوانح عمري وغيره جي اوسر، ارتقا، قسمن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. هن باب ۾ لوڪ ادب جي صنفن جو به مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي. باب چوٿون لسانيات بابت آهي، جنهن ۾ سنڌي زبان جي اصل نسل، لهجن ۽ نظرين بابت تفصيل موجود آهي. باب پنجين ۾ شاعريءَ جي لوڪ، ڪلاسيڪي، روايتي ۽ جديد صنفن جون وصفون ۽ تفصيل ڏنل آهن. باب ڇهين ۾ لطيفيات، تنقيد، ناولن، قصن، ڪهاڻين، آتم ڪهاڻين، مضمونن ۽ لوڪ ادب جي مکيه ڪتابن جو جائزو ڏنو ويو آهي. باب ستين ۾ شاعرن، ڊرامانگارن، ڪهاڻيڪارن جي سوانح عمرين ۽ علمي خدمتن جو ذڪر آهي. ڊيمي سائيز جي 574 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب رهبر اڪيڊمي لاڙڪاڻي، سال 2005ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو